شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف چين جو پنهنجو 5 ڏينهن جو تاريخي ۽ ڪامياب دورو مڪمل ڪري پاڪستان روانو ٿي ويو، پاڪستان رواني ٿيڻ وقت شانسي صوبي ??ي نائب گورنر ڇَن ڇُن جيانگ، اعليٰ چيني ۽ پاڪس??ان?? سفارتي اهلڪارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پارا?? جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد ??هباز شريف جو 5 ڏينهن جو چين جو دورو پاڪستان ۽ چين جي ??اڳ??پن جي مضبوطي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ??اڳ??پن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي شروعات جي حوالي سان اهم سنگ ميل ثابت ٿيو. دوري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته تازو چين جو دورو پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفن ??اڳ??پن ۾ هڪ نئين جهت جو اضافو آهي. چيني قيادت شي جن پنگ ۽ پريميئر لي ڪي ڪيانگ جو مهمان نوازي تي دل سان ٿورائتو آهيان، پاڪستان ۽ چين جي دوستي لازوال ۽ بي مثال آهي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت چيني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن جي پاڪس??ان?? ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ٿي، چين جي انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي قابل تقليد آهي. وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي اقتصادي حصيداري سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. تازي چين جي دوري دوران ٿيندڙ مثبت اڳڀرائي جا اثر ڊگهي مدي تائين رهندا.