اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ?? پرڏيهي وزير ??ينيٽر محمد اسحاق ڊار نئين جوڙيل سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. پرڏيهي آفيس موجب ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ?? پرڏيهي وزير پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ ان جي ترجيحن خاص طور تي اسٽريٽجڪ، روايتي ۽ علائقائي حصيدارن سان گڏوگڏ گهڻ رخي تنظيمن خاص طور تي گڏيل قومن، او آءِ سي، ايس سي او، ڊي – 8 ۽ ٻين س??ن اعليٰ سطحي رابطن جي ڏس ۾ تفصيلي بريفنگ ڏنين. نائب وزيراعظم ڪميٽي جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا ۽ انهن کي حاصل ڪيل اهم هدفن سميت اقتصادي ۽ گهڻ رخي سفارتڪاري کان آگاهه ڪيو.