اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) بينظير انڪم سپ??رٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سان بئنڪ الفلاح جي صدر/سي اي او عاطف باجوه ۽ ڊجيٽل بئنڪنگ گروپ جي هيڊ يحييٰ خان بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حقدار عورتن کي رقم جي ورڇ ۾ شفافيت ۽ انهن جي عزت نفس کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ڳالهين دوران سينيٽر روبينه خالد بئنڪ جي نمائندن تي زور ڀريو ته اهي بي آءِ ايس پي جي حقدار عورتن کي ڪلائنٽس طور ترجيح ڏين ۽ پنهنجي وظيفي جي رقم مان ڪٽوتين کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻن. ٻئي ??رف بي آءِ ايس پي مان فائدو حاصل ڪند??ن لاءِ فني ۽ هنر جي تربيت جي حوالي سان پڻ ڳاله?? ٻولهه ٿي. عاطف باجوه بي آءِ ايس پي مان فائدو کڻند??ن لاءِ پائيلٽ مرحلي طور هنر جي تربيت جو منصوبو شروع ڪرڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو. انهن گڏيل منصوبن کي بي آءِ ايس پي ۽ بئنڪ الفلاح ٻنهي جي فني ٽيمن جي مشاورت سان عمل ۾ آندو ويندو ته جيئن مثبت نتيجا حاصل ٿي سگهن.