نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ دفعو ٻيهر او آءِ سي تي زور ڏنو آهي ته هو ڀارتي انسانيت لڄائيندڙ ظلمن ک?? سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري، پاڪستان ڪشمير م??ئلي تي ڀارت سان بامعنيٰ ۽ نتيجن وارين ڳال??ين لاءِ تيار آهي، تنهن هوندي به ڳال??ين کان اڳ ڀارت کي سازگار م??حول بڻائڻو پوندو ۽ والاريل ڪشمير ۾ پنج آگسٽ جا تڪراري قدم واپس وٺڻا پوندا، ڪشمير م??ئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب منصفاڻي طريقي سان حل ڪرڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواب تعبير نٿو ٿي سگهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ ڄمون ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس کي خ??اب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان 80 لک ڪشميري بدترين گهيراءُ، بنا جواز گرفتارين ۽ غير م??مولي پابندين ک?? منهن ڏئي رهيا آهن، ڀارتي قا??ض فوج مظلوم ڪشميرين ک?? ان ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف آواز کي دٻائڻ لاءِ ڪارن قانونن جو سهارو وٺي ناقابل بيان ظلم ڪري رهي آهي جڏهن ته هندو توا ۽ آر ايس ايس جي سوچ جي حامل بي جي پي سرڪاري ڪشميرين جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي پويان آهي، ان کانسواءِ پنهنجي ناپاڪ مقصدن ک?? حاصل ڪرڻ لاءِ ڊوميسائل قانونن ۾ ترميم ڪري 42 لک جعلي ڊوميسائيل شرٽيفڪيٽس جاري ڪيا ويا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارتي بربريت جو تازو مثال بزرگ ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ميت سان روا رکيل بدترين سلوڪ آهي جيڪو پهرين سيپٽمبر تي ڊگهي ڀارتي نظربندي جي دوران لاڏاڻو ڪري ويو، عين ان وقت جڏهن سندس گهرڀاتي سندس لاڏاڻي تي سوڳ جي حالت ۾ هئا ۽ ان جي جنازي نماز جي تياري ۾ مصروف هئا، ڀارتي قا??ض فوج گهر ۾ زبردستي گهڙي ان جي جسد خاڪي کي ڇني ورتو ۽ نه اسلامي روايتن موجب ان جي جنازه نماز ٿيڻ ڏني وئي ۽ نه ئي کيس ان جي وصيت موجب ”قبرستان شهيدان“ ۾ تدفين جي اجازت ڏني وئي، ڀارتي حڪومت سيد علي گيلاني جي طرز عمل کان ايتري قدر ڊنل هئي جو ان جي لاڏاڻي کانپوءِ به ان سان غير انساني سلوڪ روا رکيو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي برادري جو ڌيان ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ حڪومت پاڪستان ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ جاري ڪيو آهي، ان 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر ۾ ڀارتي قا??ض فوج جي سينئر آفيسرن پاران 3432 جنگي ڏوهن جا حوالا ڏنا ويا آهن، هن چيو ته جيستائين ڪشمير م??ئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب منصفاڻي طريقي سان حل نٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواب تعبير نٿو ٿي سگهي. شاهه محمود قريشي يو ته پاڪستان هندستان سان ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڳال??ين لاءِ تيار آهي پر ان لاءِ هندستان ک?? ماحول سازگار بڻائڻو پوندو ۽ پنج آگسٽ 2019ع جا هڪطرفا ۽ غير قانوني قدم واپس وٺڻا پوندا. شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلا وڏي عرصي کان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي ايجنڊا تي آهن، او آءِ سي پاران ڪشمير م??ئلي تي پاڪستان جي موقف جي مسلسل ۽ اڻٽر حمايت قا??ل تحسين آهي جڏهن ته ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين طرف ڌيان ڇڪائڻ ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ خالي هٿين ڪشميري پنهنجون نظرون او آءِ سي ۽ مسلمان امت ڏانهن کڻي ويٺل آهن، شاهه محمود قريشي ميمبرن تي زور ڏنو ته توهان سڀ ڪشمير م??ئلي کي جنرل اسيمبلي، هيومن رائٽس ڪائونسل سميت گڏيل قومن جي سمورن فورمن تي کڻڻ ۾ اسان جي ڀرپور م??د ڪريو.