اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، گذريل 24 ڪل??ڪن ۾ 2 هزار 980 پازيٽو ڪيسز رپورٽ ٿيا، هڪ لک 40 هزار 965 مريض ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي ويا، ٽي ٽي ڪيو حڪمت عملي تحت 30 شهرن ۾ وقت سر هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪئي، انهن علائقن ۾ وبا تي ضاب??و آڻڻ جي لاءِ ٽارگيٽيڊ لاڪ ڊائون عوام جي صحت کي يقيني بڻائيندو. اين سي او سي موجب صحت جي ماهرن جو مشورو آهي ته جيئن ته عوام گذريل 4 کان 6 هفتن ۽ خاص طور تي عيدالفطر جي موقعي تي معاشرتي فاصلي، ماسڪ جي استعمال سميت ايس او پيز تي عملدرآمد ڪ??و اهڙي طرح عيدالاضحيٰ دوران به اهڙو ئي تعاون جاري رکي، ان سان انتظاميا کي وبا تي ضاب??و آڻڻ ۾ مدد ملندي. ڪورونا وائرس جي ڪري گذريل 24 ڪل??ڪن ۾ 83 ماڻهو فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪل??ڪن ۾ 21 هزار 951 ٽيسٽ ڪيا ويا جن ۾ سنڌ جا 9 هزار 317، پنجاب جا 7 هزار 659، خيبرپختونخواهه جا 2017، اسلام آباد جا 2078، بلوچستان جا 505، گلگت بلتستان جا 2 ۽ آزاد ڪشمير جا 293 ٽيسٽ شامل آهن.