ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف فوري ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي: وزيراعظم

image
APP46-14 ISLAMABAD: July 14 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting on Price Control measures. APP

اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف فوري ڪريڪ ڊائون جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ قيمتن کي هڪجهڙي سطح تي آڻڻ جي لاءِ بين الصوبائي ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي جامع ۽ منظم انتظامي قدمن کي به يقيني بڻايو وڃي. هو اڱاري ڏينهن سڄي ملڪ ۾ عوام الناس کي ڪڻڪ ۽ اٽي جي مناسب قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ قيمتن تي ضابطو رکڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.

مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں