ليکڪ: محمد عامر آفريدي
ترجمو: عدنان کوکر
واپار ماڻهن، ڪمپنين ۽ فرمز، ملڪن ۽ قومن جي وچ ۾ شين ۽ خدمتن جي وڪري يا ڏي وٺ جي ??مل کي چوندا آهن، ملڪن جي وچ ۾ خريد ۽ وڪري جي ??مل جي لاءِ ه?? خاص طريقيڪار جي ??رورت هوندي آهي. ان مقصد جي لاءِ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ملڪن جي وچ ۾ معاهدن جي ??رورت هوندي آهي ۽ اها به حڪومتن جي ??ميواري هوندي آهي ته اهي واپار ۽ واپاري رستن تان نه رڳو رڪاوٽون ختم ڪن پر واپارين ۽ سيڙپڪارن کي سهولتون، آسانيون ۽ اعتماد به ڏين. ٻن ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار ۾ اضافي سان ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي ??ندگي ۾ خوشحالي اچي ٿي. جڏهن ته ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ آسانين ۽ سهولتن سان گڏوگڏ مختلف مسئلا ۽ مشڪلاتون به ٿين ٿيون جن جو جائزو لاڳاپيل حڪومتون وقت بوقت وٺن ٿيون ۽ محفوظ ماحول، سرمائي جو تحفظ ۽ ضمانت، رستي جي ??هولت، شين جي ????آم?? ۽ ب??آم?? جي لاءِ ٽرانسپورٽ، سرحدن ۽ ويزا جاري ڪرڻ جي ??هم عمل کي آسان بڻائڻ سميت مختلف قدم کڻن ٿيون.
موجوده وقت ۾ جڏهن دنيا هڪ عالمي ڳوٺ ۾ تبديل ٿي آهي، فاصلا گهٽ ٿي ويا آهن ۽ وقت جي ??فتار به تيز تر آهي اهڙي صورت ۾ انساني سوچ ۽ فڪر ۽ واپار جا طور طريقا به تبديل ٿي ويا آهن، ٽيڪنالاجي ۾ جدت سان ڏينهن ۾ ٿيندڙ ڪم هاڻي ڪلاڪن ۽ منٽن ۾ ٿي رهيا آهن، ٽيڪنالاجي ??ي جدت ۽ سهولتن مان اڳ به ۽ هاڻي به انساني جبلت تحت واپاري ۽ سيڙپڪار ٻن ڏورانهن ملڪن بدران پنهنجي پاڙيسري علائقن يا ملڪن سان واپار کي ترجيح ڏيندا آيا آهن. پاڙيسري ملڪن سان واپار جا ڪي??را??ي فائدا آهن جن ۾ امن امان جي ??هتري، ويجها لاڳاپا، قومي دفاع ۽ سلامتي جو تحفظ شامل آهي.
پاڪستان ۽ افغانستان به ويجها پاڙيسري ۽ ڀائر ملڪن آهن جيڪي زبان، ثقافت سان گڏوگڏ گڏيل مذهب ۽ تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري جا لاڳاپا ايترا مضبوط ۽ بااعتماد آهن جو جڏهن 1979ع ۾ روس افغانستان تي حملو ڪيو ته ٻين ملڪن جي ??بتڙ افغان شهرين وڏي انگ ۾ پاڪستان جو رخ ڪيو جتي انهن نه رڳو عزت ۽ وقار سان زندگي گذاري پر اڄ به افغان پناهگيرن جو هڪ وڏو انگ پاڪستان ۾ وڏا ڪاروبار ۽ واپار ڪري رهيو آهي، اهڙي طرح عوام سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري رابطا قائم آهن.
ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي ??نگن اکرن موجب پاڪستان افغانستان جي لاءِ سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ملڪ آهي جتي افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ شيون ب??آم?? ڪيون پيون وڃن جن جي ماليت ڪي??را??ي سئو ملين ڊالر آهي اهڙي طرح افغانستان پاڪستان جي ??ڊين جي لاءِ چوٿين وڏي ب??آم??ي منڊي آهي. سال 2014ع کان اڳ افغانستانجي لاءِ پاڪستان سڀ کان وڏو ب??آم??ي ملڪ هو جڏهن تهبعد ۾ پاڪستان سان اها پوزيشن ايران جهڙن ٻين ملڪن حاصل ڪئي. افغانستان کي پاڪستان جي ??هم ب??آم??ات ۾ ڪڻڪ، سمينٽ، کنڊ ۽ چانور شامل آهن. افغانستان سان وڌيڪ پاڪستاني روانگي واپار جو اهو به سبب آهي ته ان ۾ شين جي پهچ ۾ ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ وقت ۽ خرچ ۾ نمايان بچت ٿئي ٿي ڇو ته ٻنهي ملڪن جون سرحدون پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن جنهن جو فائدو افغانستان جي ??ڪومت ۽ عوام کي پهچي رهيو آهي.
بدقسمتي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي ??اهه ۾ ڪجهه مسئلا به درپيش آهن جن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو غيرقانوني واپار آهي، پاڪستان ان غيرقانوني واپار جي ??اتمي لاءِ ڪجهه قدم پن کنيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طورخم ۽ چمن بارڊر جهڙيون راهداريون به آهن جتي قانوني طريقي سان واپار ٿئي ٿو، پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي گڏيل واپار ۾ سگهه، واپارين کي آسانين جي فراهمي ۽ ٻين مسئلن جي ??ل لاءِ واپارين تي ٻڌل پاڪ افغان گڏيل ايوان صنعت ۽ واپار پڻ قائم ڪيو آهي. پاڪستان افغانستان سان واپار کي تمام گهڻي اهميت ڏئي رهيو آهي ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان ڪي??را??ي عملي قدم پڻ کنيا آهن جنهن جو اندازو گذريل سال 18 سيپٽمبر تي وزيراعظم عمران خان پاران طورخم بارڊر ٽرمينل کي هفتي جا 7 ڏينهن 24 ڪلاڪ کليل رکڻ جي ??ڪم سان به ٿئي ٿو.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي هڪ رپورٽ موجب گذريل مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ افغانستان کي پاڪستاني روانگي واپار ۾ 33.40 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ان عرصي ۾ افغانستان پاڪستاني روانگي واپار جو ڪاٿو 825.63 ملين ڊالر رهيو جيڪو مالي سال 19 – 2018ع جي ??نهي عرصي جي مقابلي ۾ 33.40 سيڪڙو گهٽ آهي، مالي سال 19 – 2018ع جي پهرين 11 مهينن ۾ افغانستان کي پاڪستاني روانگي واپار جو ڪاٿو 1.101 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. انگن اکرن موجب هلندڙ سال مئي ۾ افغانستان کي 17.01 ملين ڊالر ماليت جو روانگي واپار ڪيو ويو. گذريل سال مئي ۾ افغانستان کي پاڪستاني روانگي واپار جو ڪاٿو 115.88 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. اسٽيٽ بئنڪ جي ??پورٽ موجب اهڙي طرح افغانستان سان د??آم??ات ۾ 36.79 سيڪڙو جي گهٽتائي آئي آهي، گذريل مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ افغانستان سان د??آم??ات جو ڪاٿو 119.32 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. مالي سال 19 – 2018ع جي ??نهي عرصي ۾ افغانستان سان 163.13 ملين ڊالر جي ????آم??ات ٿي هئي.
ملڪن جي وچ ۾ واپاري سرگرمين تي نظر رکڻ واري عالمي اداري ٽريڊنگ اڪنامڪس پاران جولاءِ 2020ع جي ??پورٽ موجب سال 2019ع ۾ افغانستان سان پاڪستان کي 579.53 ملين ڊالر جي ????آم??ات ٿي جن ۾ 175.25 ملين ڊالر ماليت جا ميوا ۽ 155.14 ملين ڊالر ماليت جون ڀاڄيون شامل هيون. اهڙي طرح گذريل سال افغانستان سان 91.14 ملين ڊالر جي معدنيات ۽ تيل، 57.87 ملين ڊالر ڪپهه ۽ 32.78 ملين ڊالر ماليت جو لوهه ۽ اسٽيل به د??آم?? ڪيو ويو.
افغانستان جي لاءِ پاڪستاني ب??آم??ات جي مقابلي ۾ جيتوڻيڪ پاڪستان جي لاءِ افغانستان جي ????آم??ات جو ڪاٿو گهٽ آهي جڏهن ته مجموعي طور تي گذريل مالي سال ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار جي ڪاٿي ۾ گهٽتائي آئي آهي. ٻنهي پاريسري ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ گهٽتائي ڇو آئي؟ ان جا ڪي??را??ي سبب ٿي سگهن ٿا، ان بابت جڏهن پاڪ افغان جوائنٽ چيمبر آف ڪامرس ۽ سرحد چيمبر آف ڪامرس جي ??ڳوڻي صدر ۽ فرنٽيئر ڪسٽم ايجنٽس ايسوسيئيشن جي موجوده صدر ضياءَ الحق سرحدي کان پڇيو ته هن ٻڌايو ته “پاڪ افغان واپار کي هن وقت مسئلا درپيش آهن ۽ گڏيل واپار ۾ به گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته هڪ وقت ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار جو ڪاٿو 2.5 ارب ڊالر تائين پهچي ويو هو جنهن کانپوءِ ان ۾ ترتيبوار گهٽتائي ايندي وئي جنهن جا ڪي??را??ي سبب آهن. جيڪڏهن موجوده صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ته جهڙي طرح ڪورونا وائرس جي ??المي وبا سڄي دنيا جي معيشتن کي سخت متاذثر ڪيو آهي اتي ان سان پاڪستان ۽ افغانستان جون معيشتون به متاثر ٿيون آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحدون بند هجڻ جي ڪري به ڪي??را??ي مسئلا پيدا ٿيا آهن، ڪجهه عرصو اڳ به پاڪ افغانستان سرحد بند ٿي هئي جنهن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان پاڪ افغان سرحد کي 24 ڪلاڪ کليل رکڻ جو اعلان ڪيو، ان اعلان کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار بهتري آئي جڏهن ته ان کانپوءِ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري اها صورتحال خراب ٿي. هن چيو ته اڳ ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار بابت معاملا ڪسٽمز کاتي، انتظاميا ۽ خيبرايجنسي ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ طئي ڪندا هئا جڏهن اڳوڻي فاٽا کي خيبرپختونخواهه ۾ ضم ڪيو ويو ته پوليٽيڪل ايجنٽ جوڪردار ختم ٿيو، ٿيڻ ائين گهرجي ها ته سمورا انتظام ڊپٽي ڪمشنر خيبر جي هٿ ۾ هجن ها جڏهن ته ان جي ??بتڙ اتي ڊپٽي ڪمشنر ته آهي پر سمورا اختيار ڊي پي او سنڀالي ورتا آهن. ڪسٽمز کانسواءِ اتان جي ??رحدي انتظام ۽ انصرام ۾ ڪي??را??ي ٻيا کاتا به شامل آهن جنهن جي ڪري به واپار متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپار بابت معاملن کي ڪيترن ئي کاتن بدران هڪ کاتي کي ڏسڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ رستي جي ??ڪاوٽن کي ختم ڪرڻ سان بنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ نه رڳو استحڪام ايندو پر ان ۾ تمام گهڻو اضافو به ٿي سگهي ٿو. هن حڪومت کان ان حوالي سان خاص ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ تيزي آڻي سگهجي ??نهن سان نه رڳو واپاري سرگرميون تيز ٿينديون پر ان سان عوام ۽ حڪومتن جي لاءِ خوشيون پڻ کڻي ايندي”.
پاڪستان ۽ افغانستان جي ??وام جي وچ ۾ واپار ۽ واپاري رابطا نوان نه آهن پر اهي صدين کان قائم آهن، ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ واپار بابت سرحد چيمبر آف ڪامرس جي ??ڳوڻي صدر حاجي محمد افضل چيو ته جڏهن به امن امان يا دهشتگردي جي ڪري چمن ۽ طورخم سرحد بند ٿئي ٿي ته افغانستان جي ??وام لاءِ خوراڪ سميت ڪي??را??ي مسئلا پيدا ٿي وڃن ٿا، انهي جي ڪري افغانستان ايران جي ??رحد ۽ بندرگاهن جو استعمال وڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ گڏيل واپار جي ??يڪا صورتحال آهي ته يقيني طور تي ٻئي ڀائر ملڪ آهن، ٻنهي ملڪن جون عوامي ۽ اقتصادي حالتون به هڪ جهڙيون آهن، ٻئي ملڪ صدين کان ڪاوباري رابطن ۾ واڳيل آهن، جيڪڏهن هڪ طرف پاڪستان کي وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ جي لاءِ افغانستان جي ??رورت آهي ته ٻئي طرف افغانستان وٽ سمنڊ نه آهي ۽ ان کي سڀ کان وڌيڪ پاڪستان جي ??رورت آهي. هن چيو ته پاڪ افغان واپار ۾ جيڪي مسئلا آهن انهن ۾ هر ٻئي ڏينهنسرحدن جي ??ندش سڀ کان وڏو مسئلو آهي، محدود پئماني تي ٽرڪن کي ب??آم?? جي ??جازت به هڪ اهم مسئلو آهي، هي اهي حالتون آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته انهن مسئلن جو مستقل حل ضروري آهي، واپارين کي آسانيون فراهم ڪرڻيون پونديون، چيڪنگ جو نظام خودڪار بڻائڻو پوندو، اسڪريننگ جي ??ريعي چيڪنگ جو نظام ايترو شفاف بڻائڻو پوندو جو نه رڳو وڏي انگ ۾ د??آم?? ۽ ب??آم?? ٿئي پر ٽرانزٽ ٽريڊ سميت ٻيا معاملا پڻ آسان بڻائي سگهجن. ان سان نه رڳو پاڪستان ۽ افغانستان جي ??قتصادي حالت ۾ بهتري ايندي پر ٻنهي ملڪن جي ??ڪومتن جي وچ ۾ غلط فهميون به ختم ٿينديون. هنچيو ته امن امان جي ??ورتحال به ان صورت ۾ بهتر ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن سرحد جي ٻنهي طرفن کان رهندڙ ماڻهو خوشحال هجن ۽ ڪاروبار جي ??ريعي آمدني حاصل ٿئي ته ماڻهو ٻين سرگرمين تي ڌيان نه ڏيندا. اسان کي انهن معاملن کي گهري نظر سان ڏسڻو ۽ ان بابت سوچڻو پوندو.