اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي حڪومت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص ??يثيت ختم ڪري تڪراري علائقي کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏ??و آهي، جڏهن ته ان جي معيشت کي پڻ تباهه ڪري ڇڏ??و آهي. الجزيره کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته ??ڪ سال ۾ ڀارت ڪشمير کي مڪمل بند ۽ ان جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏ??و آهي. هن چيو ته ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 8 لک فوجين سان گڏ ڪشميري عوام کي گهيري رکيو آهي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي ملڪ جي سيڪيول?? تشخص کي بگاڙڻ جو ذميوار آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي نظريي جي ڏاڍ هيٺ آهي، اڄ ڀارت جي مسلمانن کي اهڙيون ئي حالتون درپيش آهن جيڪي نازي جرمني ۾ يهودين کي درپيش هيون. هن چيو ته ??اڪستان ڀارت سان تڪرار جي حل لاءِ سمورا ممڪن پرامن رستا استعمال ۾ آندا آهن. ??عو??ي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ثالث جي ڪردار جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ??اڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.