نسلن جي مستقل لاءِ ماحولياتي مسئلن تي ضابطو آڻڻو پوندو: وزيراعظم

image
APP58-19 ISLAMABAD: October 19 - Prime Minister Imran Khan addressing the "Pakistan Clean Green Index" awards ceremony. APP

اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايندڙ نسلن جي مستقل کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ٻيلن جي واڍيءَ ۽ آلودگي جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻڻو پوندو، صفائي سٿرائي اسان جي ايمان جو حصو آهي، ان حوالي سان ماڻهن جي سوچ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، رضاڪاراڻي خدمتن جو جذبو اسان جي قومي طاقت آهي جنهن مان حڪومتي سطح تي فائدو کڻڻ گهرجي، سزا ۽ جزا جي نظام سان معاشري ۾ سٺن ڪمن کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي، صاف سبز انڊيڪس تحت شهرن جي وچ ۾ مقابلي جو اهتمام حوصلي جوڳو قدم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪلين گرين انڊيڪس ايوارڊز ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر