اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان بوسنيا سان پنه??جي پارلياماني لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل پارلياماني رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پارلياماني رابطن جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪاروباري شعبن ۾ سگهه اچي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن بوسنيا هرزيگوينا جي پريذيڊنسي ??ي چيئرمين شفيق جعفر ووچ سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن سميت مختلف گڏيل دلچسپي جي ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.