اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي نوجوانن جي معاملن واري خاص مددگار عثمان ڊار چي?? آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جو اتحاد ضم??ي چ??نڊ?? ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ڊي ايم جون پا??ٽيون استعيفائن جي معاملي تي هڪ صفحي تي نه آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پهرين پا??ٽي هوندي جيڪا ان اتحاد کان ڌار ٿيندي. هن ??ڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي?? آهي ته سنڌ ۾ ضم??ي چ??نڊ??ن ڪرائي جنهن ??ان ثابت ٿئي ٿو ته پيپلزپارٽي اسيمبلي تان استعيفائن جي باري ۾ سنجيده نه آهي. عثمان ڊار وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي کانسواءِ مسلم ليگ (ن) شهباز شريف گروپ به اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.