مظفر آباد -26 جنوري (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڀارت ج?? جمهوريت واري ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طو?? ملهايو ۽ پنهنجي آزادي جي جدوجهد کي حق خوداراديت جي حاصلات تائين جاري رکڻ واري عزم کي ورجايو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق پاسبان حريت ڄمون ڪشمير جي انتظام هيٺ آزاد ڪشمير ۾ ڪنٽرول لائي?? ويجهو چڪوٽي ۾ ڀارت ج?? جمهوريت واري ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طو?? ملهايو ويو. ڪارا جهنڊا هٿن ۾ کڻي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سوي?? شهرين چڪوٽي، مظفر آباد ۾ ڀارت مخالف احتجاجي ريلين ۾ شرڪت ڪئي.