اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀار?? جو افغانستان ۾ امن لاءِ ڪردار سدائين منفي رهيو، دنيا ۾ اسلاموفوبيا جي خلاف سڀ کان موثر آواز اٿاريندڙ وزيراعظم عمران خان آهي، ناموس رسالت ﷺ جي حوالي ??ان پاڪستان جي پوزيشن ٽٽڻ جوڳي نه آهي، حڪومت ملڪ ۾ مختلف مافياز جي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي، هاڻي اسان انهن مافياز کي بي نقاب ڪيو آهي ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، پاڪستان جي معيشت بهتر رخ ۾ گامزن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي حوالي ??ان عوام جي روين ۾ تبديلي ??ئي آهي پر ان جي باوجود الله تعاليٰ جو وڏو احسان آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي صورتحال ايتري خراب نه آهي جيتري دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اهي، هن چيو ته ڀار?? جو ڪردا سدائين منفي رهيو آهي، ڀارت دوها ڳالهين جي خلاف رهيو، ان کانسواءِ افغانستان ۾ امن عمل جي حوالي ??ان به ڀارت سدائين مخالفت ڪندو رهيو، هن چيو ته ناموس رسالت ﷺ جي حوالي ??ان اسان سڀ هڪ آهيون، ان حوالي ????ن ڪا به ٻي راءِ نه آهي پر رد عمل ۾ فرق ضرور ٿي سگهي ٿو ته اسان جو رد عمل ڏيڻ جو طريقو ڪجهه ٻيو آهي جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو رد عمل ظاهر ڪرڻ جو طريقو ڌار آهي، حڪومت جي تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهيون ٿيون هيون ۽ ڳالهين کانپوءِ ڪجهه نڪتن تي صحيحون به ڪيون ويون هيون، ان وقت اهو طئي ڪيو ويو هو ته ٽي ايل پي جي ڊمانڊ تي پا??ليامينٽ ۾ بحث ڪيو ويندو، پرڏيهي پاليس ۾ پا??ليامينٽ جو وڏو ڪردار هوندو آهي ۽ ائين ممڪن نه آهي ته پا??ليامينٽ جي ڪردار کي نظر انداز ڪيو وڃي، سڀاڻي اسيمبلي ??و اجلاس گهرايو پيو وڃي، پا??ليامينٽ ۾ ان سڄي معاملي ??ي بحث ڪيو ويندو ۽ اهڙو حل ڳوليو ويندو جنهن سان قوم مطئمن به ٿئي، صدر چيو ته اسلامو فوبيا جي خلاف دنيا ۾ سڀ کان موثر آواز اٿاريندڙ وزيراعظم عمران خان آهي.