غزه ۾ امدادي سامان لاءِ گڏ ٿيل فلسطينين تي اسرائيلي فوج جو حملو ، 10 ڄڻا مارجي ويا، 15 زخمي

image

غزه -26 فيبروري (اي پي پي ) غزه ۾ امدادي سامان حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيل هزارين فلسطينين تي اسرائيلي فوج جي ڊرون ۽ توپن سان ڪيل حملي سبب 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 ڄڻا زخي ٿي پيا آهن. تاس فلسطيني خابرو اداري ادري وفا جي حوالي سان ٻڌايو ته ان حملي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي . رپورٽ موجب هزارين فلسطيني انساني همدردي جي بنياد تي پرڏيهي ملڪ موڪليل امدادي سامان حاصل ڪرڻ لاءِ اهو سامان ڪڻي ويندڙ ٽرڪن جي انتظار ۾ قطارن ۾ بيٺا هيا اسرائيل جي هٿيار بند فوج انهن کي ڊرون حملن ۽ توپن جي گولن جو نشانو بڻايو .

مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش