وزيراعظم پرائس ڪنٽرول اٿارٽي قائم ڪرڻ جو چيو آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ

image
APP84-05 ISLAMABAD: December 05 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan addressing the launching ceremony of an Academy of Liberal Arts. APP

اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام جي لاءِ وفاق جي سطح تي پرائس ڪنٽرول اٿارٽي قائم ڪرڻ ۽ کير سميت کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ جي روڪٿام لاءِ صوبن کي فوري قدم کڻڻ، گهرن جي اڏاوتن تي سيلز ٽيڪس جي خاتمي، ويليو ايڊيڊ ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي قدم کڻڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي. هو اڪيڊمي آف لبرل آرٽس جي لانچنگ جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.

مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش