اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا وي آءِ پي شخصيت جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي وي آءِ پي شخصيت جو نالو ڪڍڻ جي مخالفت ڪئي آهي جنهن جي وفاقي ڪابينا اتفاق راءِ سان توثيق ڪري ڇڏي، ڪابينا ملڪ ۾ هڪ ٻيو هڪجهڙو قانون لاڳو تي اتفاق ڪيو، وفاقي ڪابينا گهرو وزا??ت طرفان ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالا شامل ڪرڻ ۽ ڪڍڻ جي حوالي سان تجويز، زندگي بچائيندڙ سميت ٻين اهم 89 دوائن جي قيمت ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي، لائن آف ڪنٽرول تي رهندڙ ماڻهن جي لاءِ خصوصي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريا?? بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم جي ص???? بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظف?? مرزا سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي ص??ارت ۾ وفاقي ڪايبنا جي اجلاس کان??وء?? ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 12 ڊسمبر 2019ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي آهي.