اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا ۾ عزت ۽ وقار وڌائڻ جي لاءِ ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو پوندو، قرضي قومن جي آزادي متاثر ٿئي ٿي، ٽيڪس جي ادائگي کانسواءِ اسلامي ??لاحي رياست جو قيام ??مڪ?? نه آهي، واپارين سميت ملڪ جو هر طبقو پنهنجي حصي جو ٽيڪس اد?? ڪري، ملڪ ۾ مهانگائي ۽ غريب طبقن جو پورو احساس آهي، حڪومتي قدمن جي ڪري جلد بهتري ايندي، قومن جي زندگي ۾ آسان ۽ مشڪل وقت ايندو رهندو آهي، اسان گڏجي سمورا مسئلا حل ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيڊر?? بورڊ آف روينيو جي اهتمام هيٺ واپارين جي لاءِ ٽيڪس نظام ۾ آساني ۽ سڌارن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.