اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قر??شي چيو آهي ته پاڪستان ان وقت تائين ڪ??ميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو جيستائين انهن کي ان جو جائز حق، خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي، پاڪستان جي پوري قوم، سياسي پارٽيون، سياسي ۽ عسڪري قيادت ڪشمير جي معاملي تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿيون. اها ڳالهه هن ڪ??مير جي صورتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جي صدارت ڪندي چئي. پرڏيهي وزير سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي ڀارت جي غيرقانو??ي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. شاهه محمود قر??شي چيو ته سمورا ڪشميري گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانو??ي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪا آهن. پاڪستان ڀارت جي غيرقانو??ي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کي هر عالمي فورم تي بي نقاب ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت سرڪار جي هندوتوا پاليسي نه رڳو ڪشميرين پر پوري خطي جي امن امان جي لاءِ خطرن جو سبب آهي. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڊوميسائيل قانونن ۾ تبديلي ڪري آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو جيڪا عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ا?? پاڪستان جون سموريون سياسدي پارٽيون ڪ??مير مسئلي تي متحد آهن. آر ايس ايس جي سوچ تي گامزن بي جي پي جي سرڪار پنهنجي هندوتوا سوچ جي ڪري نه رڳو ڪشميرين کي پر ڀارت جي اندر رهند?? اقليتن جي دلين ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيو. ڀارت ڏاڍ ۽ قيد ۽ بند جي اذيتن جي باوجود معصوم ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور نه ڪري سگهيو. شاهه محمود قر??شي چيو ته ا?? پوري دنيا آڏو ڀارت سرڪار جو اصل چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، اڄ دنيا ڀارت جي نفرت انگيز پاليسين کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي.