پشاور – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي آر ٽي م??صو??ي جي شروع ٿيڻ سان عام ماڻهو جي زندگي ۾ انقلاب ايندو ۽ اهو م??صو??و پشاور جي شهرين جي لاءِ نعمت ثابت ٿيندو، هائبرڊ بسن جي استعمال سان ماحولياتي آلودگي ۾ به گهٽتائي ٿيندي ۽ عوام کي ??هت??ين سفري سهولتون ملنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي آر ٽي م??صو??ي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمود خان، خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نورالحق قادري، خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اسپيڪر مشتاق سميت چونڊيل نمائندا ۽ سرڪاري عملدارن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم چيو ته هن م??صو??ي جي مڪمل ٿيڻ تي وڏي وزير محمود ان ۽ سندس ٽيم ??ي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته هي ميٽرو بس جو ??هت??ين م??صو??و آهي ۽ معيار جي لحاظ کان به اعليٰ ۽ ٿرڊ جنريشن م??صو??و آهي. هن چيو ته ان جا اثر پشاور جي ترقي تي پوندا. هن چيو ته ماڻهن کي پشاور جي مين رستي تي رش جي ڪري ڪلاڪ جا ڪلاڪ انتظار ??رڻو پوندو هو. بي آر ٽي ذريعي پشاور جي عوام کي ??هت??ين سفري سهولتون ملنديون. هن چيو ته 27 ڪلوميٽر جي ان بس ٽريڪ جي ڪري رستن تي ٽريفڪ دٻاءُ به گهٽ ٿيندو. هن چيو ته هي جديد ٽرانسپورٽ سسٽم آهي. مون کي ان حوالي سان ڪجهه خدشا هئا پر پرويز خٽڪ جيڪو ان وقت وڏو وزير هو هو ان م??صو??ي جي حق ۾ دليل ڏيندو هو. ثابت ٿيو ته سندس راءِ صحيح هئي، آئون کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ان م??صو??ي جي مڪمل ٿيڻ سان مزدور، پور??يت ۽ عام ماڻهو جي زندگي ۾ انقلاب ايندو.