پاڪستان دوست ملڪن سان معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي: صدر

image
APP35-090921 ISLAMABAD: September 09 -Ambassadors designates of Kazakhstan Thailand Kyrgyz Republic Azerbaijan and High Commissioner designate of Nigeria to Pakistan presenting their credentials to President Dr Arif Alvi at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي نئين ”جيو اڪنامڪ“ پاليسي تحت دوست ملڪن سان معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، علائقائي معاشي انضمام سان پوري خطي جي واڌويجهه ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرغزاستان جي نامزد سفير توتوئيف الان بيڪ اسنڪولوچ، قازقستان جي نامزد سفير يرجان ڪستافين، آذربائيجان جي نامزد سفير خضر فرهادوف، ٿائيلينڊ جي نامزد سفير چڪريد ڪرچائيونگ ۽ نائجيريا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ابيوئي محمد بيلو سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ان کان اڳ نامزد سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنر هڪ تقريب ۾ صدر کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي نئين ”جيو اڪنامڪ“ پاليسي تحت دوست ملڪن سان ڪاروبار ۽ واپاري تعاون جي فروغ کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪستان واپار، معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏئي رابطن ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو خواهشمند آهي. صدر چيو ته پاڪستان منفرد جيو اقتصادي حيثيت رکندڙ ملڪ آهي، خطي جا ملڪ ٽرانسپورٽ، واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ جي شعبن ۾ پاڪستان ۾ موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته علائقائي معاشي انضمام سان پوري خطي جي واڌويجهه ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد ملندي، دوست ملڪن سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستهڪم ڪرڻ جي لاءِ ٻطرفي سياسي مشاورتي، گڏيل وزارتي ۽ بين الهڪومتي ڪميشنز جهڙي اداراجاتي سطح جا اجلاس باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر دوست ملڪن سان بطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان سان سياسي، معاشي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.

مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت