وزيراعظم عمران خان گو پيٽروليم ڪمپني پاران پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو اضافي تي رضامندي ظاهر ڪرڻ تي ڪمپني جا ٿورا مڃيا

image

اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گو پيٽروليم ڪمپني پاران پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو اضافي تي رضامندي ظاهر ڪرڻ تي ڪمپني جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته منهنجي اپيل تي لبيڪ چوندي پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو اضافي تي رضامندي ظاهر ڪرڻ تي آئون گو پيٽروليم جو ٿورائتو آهيان. هن ٻين ڪمپنين کي به گذارش ڪئي ته ان مثال جي پيروي ڪن.

مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ