شهباز شريف کي آشيانه ڪيس ۾ ضمانت ملي آهي، آزادي ناهي ملي: فردوس عاشق اعواڻ

image
APP85-04 ISLAMABAD: December 04 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan talking to media outside Parliament House. APP

اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز شريف کي آشيانه ڪيس ۾ ضمانت ملي آهي کيس آزادي ناهي ملي، ڪيس جو تفصيلي فيصلو اڃان اچڻو آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪجهه لمحا پهرين جيڪو مخالف ڌر اڳواڻ ٻاهرئين ملڪ ويهي ڳالهائي رهيو هو اهو جيستائين غيرحاضر آهي تيستائين پاڪستان جون سزائون دل جي گهراين سان ان جي ڳولا ۾ رهنديون.

مضمون کا ماخذ : کنگ میکر