حڪومت انصاف سان گڏ بيٺل آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ

image
APP104-19 ISLAMABAD: December 19 - Special Assistant to Prime Minister on Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan addressing the participants of media workshop on "Role of Journalists & Future Challenges" at Information Services Academy. APP

اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ تفصيلي فيصلي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ قانوني ٽيم جي مشاورت سان حڪومت پنهنجو لائحه عمل طئي ڪندي، حڪومت انصاف سان گڏ بيٺل آهي، سنگين غداري ڪيس ۾ اپيل جو فيصلو مشرف جي وڪيلن کي ڪرڻو آهي. هو انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ ”صحافين جو ڪردار ۽ مستقبل جا چئلينجز“ جي عنوان سان ميڊيا ورڪشاپ کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.

مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil