وزيراعظم جو ويزن بلوچستان کي ترقي ڏيڻ آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ

image
APP45-23 QUETTA: January 23 – Special Assistant to Prime Minister for Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan talking at PTV station Bolan. APP

ڪوئيٽا – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن بلوچستان کي ترقي ڏيڻ آهي، بلوچستان پاڪستان جو اهم جز آهي جنهن کي نظراندز نٿو ڪري سگهجي، چئلينجز وڏا آهن پر اسان کي پي ٽي وي کي بي بي سي جي طرز تي متحرڪ بڻائڻو آهي، پاڪستان ٽيلي ويزن کي به دنيا جي ميڊيا هائوسز سان ڳنڍينداسين، ڪارڪن ۽ آرٽسٽ اثاثو آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي بولان جي لائيو پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ