وزيراعظم پاران ڪراچي ۾ تازين برساتن بابت اين ڊي ايم اي کي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت

image
APP55-29 ISLAMABAD: July 29 - Governor Sindh Mr. Imran Ismail calls on Prime Minister Imran Khan. Minister for Science and Technology Mr. Fawad Ahmad is also present during the meeting. APP

اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ تازين برساتن جي ڏس ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي برساتي نالن جي صورتحال بابت تفصيلي جائزه رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي عوام کي ان مشڪل صورتحال ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اسلام آباد ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پڻ شامل هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي ڪراچي ۾ تازين برساتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان جي اين ڊي ايم اي کي ڪراچي ۾ برساتي نالن جي صورتحال بابت تفصيلي جائزه رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي عوام کي ان مشڪل صورتحال ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي.

مضمون کا ماخذ : پاور بال