غربت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي اهم آهي: صدر

image
APP01-16 ISLAMABAD: December 16 - President Dr. Arif Alvi addressing the Annual ILM Summit 2019 organized by British Council. APP

اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم جي اهميت اجاگر ڪندي چيو آهي ته غربت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي اهم آهي، دنيا کي درپيش ماحولياتي جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعليم يافته انسانيت جي ضرورت آهي، تعليم يافته نوجوان ملڪ، قوم ۽ دنيا جي بهتر انداز ۾ خدمت ڪري سگهن ٿا، نئين ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي ملڪ ۾ تعليم جي هيٺين سطح تائين فراهمي يقيني بڻائي ويندي آهي، والاريل ڪشمير ۾ گذريل پنج مهينن کان اسڪول بند آهن، ڪنهن کي اسڪول جي کلڻ جي ڪا خبر نه آهي، ڀارت ۾ مذهب جي نالي تي نفرت پکيڙي پئي وڃي،”علم پاسيبل سمٽ 2019ع“ کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته برٽش ڪائونسل جو اهو پروگرام خوش آئنده آهي.

مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری