توانائي جو شعبو ملڪي معيشت جي ترقي ۾ اهم اهميت رکندڙ آهي: وزيراعظم

image
APP69-24 ISLAMABAD: February 24 – Prime Minister Imran Khan chairs meeting on possible ways to stabilize electricity price at PM Office. APP

اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته توانائي جو شعبو ملڪي معيشت جي ترقي ۾ اهم اهميت رکندڙ آهي، صارفين ۽ صنعتن کي مناسب قيمت تي بجلي جي فراهمي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ماضي جي حڪومتن طرفان ڪيل معاهدن، وقت سر انتظامي سڌارن کي هڪ پاسي رکڻ سان توانائي جي شعبي ۾ مختلف چئلينجز درپيش آهن جنهن جو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، عوام جي مشڪلاتن جو چڱي ريت اندازو آهي ۽ حڪومت جي اها ڪوشش آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي ۽ جيستائين ممڪن ٿي سگهي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي جي قيمتن ۾ ممڪن گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان پنهنجي صدارت ۾ ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت