اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آ??ي ته سمورن تعميراتي منصوبن جي پڄاڻي مقرر مدي ۾ يقيني بڻائي وڃي، تعميرات جي ??عبي ۾ سمورن مرحلن جي آ??وميشن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ نظام کي آسان بڻائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي، ايف بي آر پاران ڪاروباري برادري جي لاءِ آسان??ون فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ??دارت هيٺ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين بابت خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري، لاڳاپيل وزارتن جي ??يڪريٽرين، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ناليواري ڪاروباري شخصيت عارف حبيب، عقيل ڪريم ڍيڍي، محسن شيخاڻي ۽ حسن بخشي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايف بي آر پاران تعميرات جي ??عبي ۾ ڏني ويندڙ سهولتڪاري ۽ نئين قدمن، بلوچستان صوبي ۾ تعميرات جي ??عبي ۾ نئين منصوبي، وفاقي گادي واري شهر بليو ايريا ۾ پلاٽن جي نيلامي ۽ ٻين اهم معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. ايف بي آر پاران تعميرات جي ??عبي ۾ ڏني ويندڙ سهولتڪاري ۽ نئين قدمن بابت بريفنگ ڏيندي ايف بي آر چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته ايف بي آر ٽيڪس گذارن جي ??هولتڪاري لاءِ تعميراتي منصوبن، ڊويلپرز ۽ بلڊرز جي لاءِ آن لائن رجسٽريشن جو نظام متعارف ڪرايو آهي جنهن سان تعميرات جي ??عبي ۾ ٽيڪس ڏيندڙن کي آسان ٿيندي. انهن قدمن جي ميڊيا ۽ ٻين ذريعن سان تشهير ڪئي پئي وڃي.