علائقائي مسئلا اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ريجنل ميڊيا جو اهم ڪردار آهي: اڪبر حسين دراني

image
APP05-02 LAHORE: November 02 - Secretary Information and Broadcasting Akbar Hussain Durrani in a meeting with officers during his visit to Press Information Department. APP

لاهور – 02 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني چيو آهي ته علائقائي مسئلا اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ريجنل ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ اطلاعات واري وزارت ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي. اخبارون حقيقت تي ٻڌل رپورٽنگ ذريعي صحيح معلوم عوام تائين پهچائي سگهن ٿيون. پريس جي التوا هيٺ مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڌرين جي مشاورت سان ريفارمز پئڪيج متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن سان ريجنل ميڊيا جا پراڻا مسئلا حل ٿيندا. هن پي آءِ ڊي آفيس لاهور جو دورو ڪيو ته جيئن علائقائي پريس جي بنيادي مسئلن کان آگاهي حاصل ڪري سگهجي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان