اقتصادي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل پاران اسلام آباد پڌرنامي جو ڊرافٽ منظور

image
APP01-010621 ISLAMABAD: June 01 – President of Islamic Republic of Pakistan Dr. Arif Alvi with the Speakers of Afghanistan, Turkey, Pakistan, Tajikistan, Azerbaijan and Uzbekistan listening to National Anthem before the start of Second General Conference of the Parliamentary Assembly of Economic Cooperation Organization (PAECO). APP

اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي پارلياماني اسيمبلي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل اسلام آباد پڌرنامي جي ڊرافٽ جي متقفه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڀرپور مذمت ڪئي وئي. پڌرنامي ۾ فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي. اهو پڌرنامو ڪانفرنس جي پڄاڻي تي جاري ڪيو ويندو. افغانستان ۽ ترڪيءَ جي تجويز تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي ٻي PAECO جنرل ڪائونسل جو متفقه طور تي صدر چونڊيو ويو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب