پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ فلاحي رياست بنائڻ لاءِ هر شخص کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؛ خاتون اول ثمينه عارف علوي

image
APP34-080921 MULTAN: September 08 - First Lady Samina Arif Alvi addressing during inauguration ceremony of Pediatric Cardiac Surgery Services at Children Hospital under the auspices of Taarey Zameen Par Trust. APP photo by Qasim Ghauri

ملتان – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ فلاحي رياست بنائڻ لاءِ هر شخص کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. خصوصي ماڻهن تي ڌيان ڏئي کين معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائي سگهجي ٿو، نيڪ نيتي سان شروع ٿيندڙ ڪم پنهنجي منزل ماڻي وٺندو آهي. چلڊرين ڪامپليڪس ملتان ۾ ٻارن جي دل جي سرجري جي شروعات ڪري اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي جنهن لاءِ هتان جي انتظاميه ۽ اين جي او مبارڪن جا حقدار آهن. اهڙو اظهار هن چلڊرين ڪامپليڪس ملتان ۾ سرجري يونٽ جي افتتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته منهنجي لاءِ اڄ خوشيءَ جو ڏينهن آهي جو آئون اڄ اوليائن جي ڌرتيءَ تي موجود آهيان. هتي اين جي او ”تاري زمين پر“ جي سي اِي او فاديه ڪاشف انسانيت جي ڀلائي لاءِ قدر جوڳيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته آئون معاشري ۾ هاڪاري تبديليون ۽ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سرندي وارن کي به گذارش ڪيان ٿي ته اهي به فاديه ڪاشف جهڙن منصوبن تي ڪم شروع ڪن.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ