بدقسمتي سان مخالف ڌر ذهني ڄامڙن تي ٻڌل آهي، انهن جي صلاحيت پنهنجي ڪيسز کان اڳتي سوچڻ جي نه آهي: چوڌري فواد حسين

image
APP37-100921 ISLAMABAD: September 10 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain, Federal Minister for Railways Muhammad Azam Khan Swati and Advisor to Prime Minister for Parliamentary Affairs Dr. Babar Awan addressing a press conference at PID Media Center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بدقسمتي سان مخالف ڌر ذهني ڄامڙن تي ٻڌل آهي، انهن جي صلاحيت پنهنجي ڪيسز کان اڳتي سوچڻ جي نه آهي، اهي ڪوڙا ماڻهو آهن، انهن جي سوچ ننڍڙي آهي، انهن مان ڀلائي جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي، مخالف ڌر جي سموري ليڊرشپ کي رڳو هڪ ئي هنر اچي ٿو ته ڪيسن ۾ تاريخ ڪيئن وٺڻي آهي، اهي اهو سمجهڻ کان لاچار آهن ته پارليامينٽ مضبوط ٿيندي ته ملڪ جي عوام مضبوط ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته شاهد خاقان عباسي اينڊ ڪمپني گڏجي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال بابت قانوني ترميم تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مخالف ڌر جي سموري ليڊرشپ کي رڳو هڪ ئي هنر اچي ٿو ته ڪيسن ۾ تاريخ ڪيئن وٺڻي آهي، اهي اهو سمجهڻ کان لاچار آهن ته پارليامينٽ مضبوط ٿيندي ته ملڪ جي عوام مضبوط ٿيندي ۽ ملڪي سياست بهتر ٿيندي، ووٽ کي عزت ڏيو جي ڳالهه ڪندڙن کي جڏهن ڊيل جو موقعو ملي ٿو ته اهي فوري طور تي ڊيل تي اچي وڃن ٿا، ڪنهن به جڳهه تي ريفارمز يا سڌارن جي ڳالهه هجي ته مخالف ڌر ان کي ڇڏي ڊيل جي پٺيان پئجي وڃي ٿي، مخالف ڌر وارا هڪ ٻئي جا ڪپڙا چوڪ ۾ لاهي رهيا آهن، اهي هڪ ٻئي کي پاڻ ئي ننگو ڪري رهيا آهن، مولانا فضل الرحمان بلاول کي ۽ بلاول مولانا کي ۽ پوءِ ٻئي گڏجي (ن) ليگ کي ٻڌائي رهيا آهن، اهي ڪوڙا ماڻهو آهن، انهن جي سوچ ننڍڙي آهي، انهن مان ڀلائي جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين کان صاف ۽ شفاف چونڊن جو حامي رهيو آهي، 2013ع جي چونڊن تحت وجود ۾ ايندڙ اسيمبلي کي عمران خان خطاب ڪندي نواز شريف کي وزيراعظم بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سموريون پارٽيون چئي رهيون آهن ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي. هن چيو ته عمران خان مطالبو ڪيو هو ته توهان سڄي اليڪشن نه ٿا کولڻ چاهيو ته چار تڪ کوليو ته جيئن اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو سبب سامهون اچي سگهي. هن چيو ته عمران خان جي تقرير تي ڪنهن ڌيان نه ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي سياسي تاريخ جي هڪ وڏي تحريڪ شروع ٿي. ان تحريڪ جو مقصد شفاف، منصفاڻي ۽ آئين موجب اليڪشن ڪرائڻ هو، اها تحريڪ جوڊيشل ڪميشن قائم ٿيڻ تي ختم ٿي جنهن جو سربراهه جسٽس ناصرالملڪ هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جسٽس ناصرالملڪ سمورين پارٽين کي ٻڌو ۽ ان کانپوءِ هن پنهنجون سفارشون پيش ڪيون، ان جي سفارشن ۾ اهو شامل هو ته ملڪ ۾ شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جو طريقيڪار سئو سيڪڙو صحيح نه آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ڍانچو سياست تي ٻڌل هو، اليڪشن ڪميشن تي ماڻهن کي اعتماد نه هو. 2018ع جي چونڊن ۾ عوام عمران خان تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ هو وزيراعظم بڻيو، اسان جي منشور ۾ شامل هو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي آزاداڻو، منصفاڻو ۽ شفاف بڻائينداسين، تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جنهن حڪومت ۾ رهندي آزاداني ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون جيڪي اڳ ۾ ڪميٽي جي سطح تي بحث هيٺ آيون جن کي اسان وڏي غور فڪر کانپوءِ پارليامينٽ ۾ کڻي وياسين، اسان مخالف ڌر کي دعوت ڏني ته اهي اچن ۽ اسان سان گڏ ويهن ۽ چونڊ سڌارن تي ڳالهه ڪن. هن چيو ته ڪو به شخص پاڪستان ۾ چونڊ نظام مان مطمئن نه آهي، سيالڪوٽ، ڪشمير چونڊن، گلگت بلتستان جي چونڊن ۽ ضمني چونڊن سميت جتي جتي مخالف ڌر هارائي وئي هن چيو ته ڌانڌلي ٿي آهي، عمران خان وزيراعظم هوندي چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن انهن کي لڳي ٿو ته ڌانڌلي ٿي آهي ۽ پاڪستان جي عوام چونڊ سڌارن تي غيرمطمئن آهي ته ان جو حل اهو ئي آهي ته سياسي قيادت گڏجي ويهي فيصلو ڪري ته ملڪ ۾ ڪهڙي نظام تحت چونڊون ٿيڻ گهرجن جيڪي قابل قبول هجن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان چونڊ عمل ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ چاهيون ٿا، سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ جي چونڊن جو معاملو ويو، سپريم ڪورٽ چونڊن ۾ شفافيت آڻڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ جو چيو. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 ۾ اهو لکيل آهي ته چونڊون قانون تحت ٿينديون، قانون ٺاهڻ جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي، ڪو به ملڪ پنهنجي پارليامينٽ جي وقار کي مجروح ٿيڻ نه ٿو ڏي ڇو ته عوام جو اصل آواز پارليامينٽ مان ايندو آهي. پارليامينٽ جي اندر ويٺل ماڻهو فيصلو ڪندا آهن ته انهن کي ڪهڙي قسم جو نظام اختيار ڪرڻو آهي. ڪنهن کي اهو حق حاصل نه آهي ته اهو پارليامينٽ کي نظرانداز ڪري. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي جيڪڏهن ٽيڪنالاجي تي ڪو اعتراض آهي، يا ڪنهن شيءَ ۾ هو بهتري آڻڻ چاهي ٿو ته اهو ٻڌائي، جيڪڏهن چيف اليڪشن ڪمشنر کي سياست ڪرڻي آهي جنهن جو کيس آئيني حق حاصل آهي، ته کيس دعوت ڏيندس ته اليڪشن ڪميشن کي ڇڏي ۽ پاڻ اليڪشن ۾ اميدوار اچي وڃي، پارليامينٽ ۾ اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته عمران خان پاڪستان ۾ سڀ کان مقبول ليڊر آهي، تحريڪ انصاف سڀ کان وڏي پارٽي آهي جيڪڏهن اسان به اليڪشن ڪميشن کان مطمئن نه ٿينداسين ته پوءِ اها اليڪشن ڪيئن ڪرائيندي. اليڪشن ڪمشنر هڪ اداري جي سربراهه طور ڪم ڪري.

مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil