ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس

image
APP34-07 ISLAMABAD: October 07 - Adviser to the Prime Minister on Finance and Revenue, Dr. Abdul Hafeez Shaikh chairing a meeting of the Economic Coordination Committee (ECC) of the Cabinet. APP

اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) کي آر ايل اين جي سان هلندڙ سي اين جي اسٽيشنن کي نوان لائيسنس جاري ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي آهي، اجلاس ۾ ايس اين جي پي ايل کي اوڳاڙين ۾ اڳوڻي شارٽ فال جي ريڪوري ۽ سردي جي ايندڙ موسم ۾ آر ايل اين جي جي ڊائيورزن ذريعي گهريلو ۽ ڪمرشل شعبن جي لاءِ گئس جي انتظام ۽ انصرام جي اجازت پڻ ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي ڪڻڪ جي وڌيڪ خريداري جي لاءِ ڪڻڪ جي قيمت جي حوالي سان روس جي حڪومت سان ڳالهين جي لاءِ ناڻي واري سيڪريٽري، واپار واري سيڪريٽري ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري سيڪريٽري تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.

مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو