صحافين ۽ ٻين ملازمن جي پگهارن جي حوالي سان مڪينزم ٺاهيو پيو وڃي: شبلي فراز

image
APP50-07 KARACHI: October 07 - Federal Minister for Information and Broadcasting Senator Shibli Faraz speaking during his visit to Press Club. APP Photo by Saeed Qureshi

ڪراچي – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مختلف صحافتي ادارن سان واڳيل صحافين ۽ ٻين ملازمن جي رهتن ۽ پگهارن جي ادائيگي جي لاءِ حڪومت هڪ اهڙو مڪينزم ٺاهي رهي آهي جنهن جو تعلق اشتهارن جي بلن جي ادائگي سان هوندو، حڪومت ميڊيا هائوسز کي هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جي ادائيگي ڪئي آهي ۽ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته ان رقم سان صحافتي ادارن سان واڳيل صحافين ۽ ٻين ملازمن جي پگهارن جي ادائگي ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil