پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوشان آهي: صدر

image
APP01-13 ISLAMABAD: October 13 - Resident Ambassadors-designate of Brazil, Denmark, Sweden, Greece, Hungary and Ukraine presenting their credentials to President Dr. Arif Alvi at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوشان آهي، ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي برازيل، ڊينمارڪ، سوئيڊن، يونان، هنگري ۽ يوڪرائن جي نامزد سفيرن سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن کيس هڪ تقريب ۾ پنهنجون سندون پيـش ڪيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سفيرن کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته نامزد سفير گڏيل معاشي، سياسي، ثقافتي ۽ سفارتي لاڳاپن سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا.

مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado