لڪسمبرگ – 05 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڪشميري انساني حقن جي ڪارڪن ۽ سياسي اڳواڻ آسيه اندرابي جو معاملو يورپي يونين آڏو اٿاريو آهي. ان سلسلي ۾ يورپي يونين، بيلجيئ?? ۽ ??ڪسمبرگ ۾ پاڪستان جي سفير ظهير اي جنجوعه يورپي پارليامينٽ ۾ سياسي گروپ ??ي سربراهه ۽ يورپي يونين جي انساني حقن بابت جي خصوصي نمائندي کي هڪ خط لکيو آهي. پاڪستان يورپي يونين تي زور ڏنو آهي ته ??ها ڀارت جي بدنام زمانه تهار جيل ۾ قيد ڪشميري انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن ۽ سياسي اڳواڻ آسيه اندرابي جي فوري آزادي جي لاءِ مدا??لت ۽ عدالت پاران ف??د جرم لاڳو ڪرڻ جي خطري کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.