اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان ڪورونا وائرس سبب 74 فوتگيون ٿيون جنهن مان 40 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پا??ان جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ 1 هزار 563 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 74 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 63 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 11 مريض گهرن ۾ قرنطينه دو??ان فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪو??يڊ – 19 جي مريضن جي تناس?? جي لحاظ کان ملتان ۾ 32 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 36 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 29 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناس?? جي لحاظ کان پشاور ۾ 44 سيڪڙو، ملتان ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 36 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 23 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??يڊ – 19 جا 41 هزار 285 ٽي??ٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 11 هزار 83، پنجاب ۾ 16 هزار 704، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 537، اسلام آباد ۾ 5 هزار 994، بلوچستان ۾ 373، گلگت بلتستان ۾ 323، آزاد ڪشمير ۾ 271 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??ويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 92 هزار 207 ٿي چڪو آهي.گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪ??ويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪ??ويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪو??يڊ 19 جا 299 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪ??ويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 33 هزار 820 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪ??رونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 37 هزار 477 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 877، بلوچستان ۾ 18 هزار 765، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 903، اسلام آباد ۾ 40 هزار 972، خيبرپختونخواهه ۾ 65 هزار 953، پنجاب ۾ 1 لک 55 هزار 214 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 42 هزار 793 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪ??ويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 11 هزار 450 آهي جن مان سنڌ ۾ 3 هزار 925 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان 19 مريض اسپتالن ۾ ۽ 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دو??ان ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 4 هزار 646 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان 33 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 5 مريض گهرن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 857 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان 9 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪ?? 469 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو، بلوچستان ۾ 193 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 258 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان هڪ مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??ويڊ – 19 جا 77 لک 64 هزار 114 ٽي??ٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪ??ويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 644 مريض علاج هيٺ آهن.