اسلام آ??اد – 11 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پريس ??ان??رنس ڪري پنهنجي شڪست تسليم ڪري ورتي آهي، اسان گهڻو پهرين مخالف ڌر کي چيو هو ته سينيٽ اليڪشن شفاف ڪرائين ته هنن ا??ان جي مخالفت ڪئي، انهن جي پريس ??ان??رنس ڏسي مون کي ڊپ لڳي رهيو آهي ته ڪٿي اهي ماڻهو روئڻ نه لڳي وڃن. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اسان جا 25 ووٽ وڌيڪ هئا پر اُهي کٽي ويا، ان وقت کين ا??ولن جي سياست ياد نه آئي، جيڪا اليڪشن انهن جي پسند جي هجي ته ان کي چوندا آهن ته ٺيڪ آهي ۽ جتي کين شڪست جو ڊپ هوندو آهي اتي اصولي سياست ياد اچي ويندي آهي. شبلي فراز چيو ته يوسف رضا گيلاني جي پٽ جي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اهو ووٽ ضايع ڪرڻ جي طريقيڪار ٻڌائي رهيو آهي ۽ ان ضايع ٿيل ووٽن جي ڪري ئي اسان جو اميدوار هارايو. ڇانگامانگا کان هنن اهو ڪم شروع ڪيو هو ته جيڪو اڄ تائين جاري آهي، اڃان ب?? ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهن، اسان جي ماڻهن سان به ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو پيو وڃي.