اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي عوام جي محرومين جي موثر ازالي لاءِ سڀني وفاقي وزارتن جي سيڪريٽرين کي هر مهيني ??لوچستان جو دورو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان سلسلي ۾ وزيراعظم آف??س مان باقاعده حڪم ن??مو جاري ڪيو ويو آهي. حڪم نامي موجب بلوچستان صوبي جي عوام کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سڀني وفاقي وزارتن جي سيڪريٽرين کي هر مهيني ??وبي جو دورو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته سڀئي وفاقي سيڪريٽريز هر مهي??ي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو بلوچستان صوبي و??ن ۽ پنهنجي وزارت، ڊويزن، اداري بابت معاملا ترجيح بنيادن تي حل ڪن.