اسلام آباد/ اناتاليه – 25 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنج?? تعاون جاري رکندو، سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي ??بب متاثر ملڪ هجڻ جي ناطي ان ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ لاءِ اسان پرعزم آهيون، دهشتگردي ??ي خلاف جنگ ۾ پاڪستان پاران ڏنل جاني ۽ مالي قربانين جي ڪري دهشتگردي ??و خاتمو ممڪن ٿيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اهڙن خيالن جو اطهار ترڪي جي شهر اناتاليه ۾ ”دهشتگردي ??ي خلاف جنگ ۽ علائقائي رابطا مضبوط بڻائڻ“ جي باري ۾ پا??لي??مينٽس جي اسپيڪرز جي چوٿين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيڪر اسد قيصر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اولهه ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي ڪري مسلمان امت کي سيڪيورٽي جا ڪيترائي خطرا لاحق آهن. هن چيو ته ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لا??ِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ۽ اسلام بطور امن جي مذهب جي ان جي اصل چهري کي روشن ڪرڻ کانسواءِ اسلامو فوبيه کي منهن ڏيڻ لا??ِ گڏيل رابطن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. اسپيڪر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان وسيع تر علائقائي رابطن جي لاءِ قدم جاري رکندو ۽ دهشتگردي ??ي خاتمي ۽ علائقائي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پا??لي??مينٽ جي اسپيڪرز جي ڪانفرنس کي علائقائي ضرورتن جي لاءِ موثر بڻائيندو، رابطي کي علائقائي امن ۽ خوشحالي جو سنگ بنياد قرار ڏيندي ??سپيڪر فليگ شپ چين پاڪستان اقتصادي ??اهداري منصوبي تحت پاڪستان طرفان جاري اڳڀرائي تي روشني وڌي.