فيصل آباد – 08 آگسٽ (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وڻ لڳائڻ اسا?? جي قومي ذميواري آهي، اسان کي پاڪستان سميت پوري دنيا کي موسميا??ي تبديلي جي اثرن کان بچائڻو آهي، موسميا??ي تبديلي جي حوالي سان اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو فيصل آباد ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ ٻوٽو لڳائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت موسميا??ي تبديلي جي لاءِ 14 سئو ارب رکيا آهن. وڻ لڳائڻ صدقه جاريه آهي. هن چيو ته پوري دنيا موسميا??ي تبديلي کان متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان موسميا??ي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي. وزيراعظم عمران خا?? جي هڪ ڪال تي پوري قوم متحد ٿي وڻڪاري مهم ۾ حصو ورتو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خا?? جي وڻڪاري مهم کي پوري دنيا ساراهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو گڏيل قوم?? جي عالمي ڏينه?? جي ميزباني جو موقعو به پاڪستان کي مليو.