اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم سان گڏوگڏ پيشيوراڻي تربيت ۽ هنر جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليم سان گڏوگڏ هنر سکڻ به ضروري آهي، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت مختلف هنرن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اهڙي طرح هڪجهڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان به وزارت اهم ڪردار ادا ڪيو، بدلجندڙ گهرجن جي موجب روزگار جي ڳولا ۽ ان روزگار موجب نوجوانن کي تيار ڪرڻ اسان جي ل??ءِ اهميت رکندڙ آهي، تعليم واري وفاقي وزارت ۽ هائ??ر ايجوڪيشن ڪميشن کي مارڪيٽ جي بنياد تي تعليم ۽ تربيت جي فراهمي ل??ءِ قدمن جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي. هن اها ڳالهه هتي نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪامياب جوان پروگرام تحت هائ??ر ايجوڪيشن ڪميشن ۾ راندين ۽ هڪجهڙين نصابي سرگرمين ۾ خصوصي ڊويزن جي قيام جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. خصوصي ڊويزن تحت مختلف يونيورسٽين ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي تعاون سان راندين ۽ هڪجهڙين نصابي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنج خصوصي پروگرام شروع ڪيا ويندا. صدر تعليم سان گڏوگڏ پيشيوراڻي تربيت ۽ هنر جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته تعليم سان گڏوگڏ لاڳاپيل هنر کي سکڻ به ضروري آهي ۽ ان سان معاشري کي فائدو په??ند?? آهي. هن چيو ته تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت مختلف هنرن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اهڙي طرح هڪجهڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان به وزارت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هڪجهڙو تعليمي نصاب صرف پي ٽي آءِ جو نه پر ٻين پارٽين جو ب?? نعرو هو تنهن هوندي به موجوده حڪومت ان نعري کي عملي جامو پارائڻ تي ڪم ڪيو. صدر چيو ته ڪامياب جوان پروگرام جي حوالي سان عثمان ڊار جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ تعليمي ادارن ۾ راندين ۽ هڪجهِڙي نصابي سرگرمين جو فرُوغ ضروري آهي. ان سان پاڪستان وٽ عالمي معيار موجب رانديگر سامهون اچي سگهن ٿا. صدر ڪئريئر ڪائونسلنگ جي ضرورت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته هن وقت سڄي دنيا ۾ مل??زم??ن جي نوعيت بدلجي رهي آهي، بدلجندڙ گهرجن موجب روزگار جي ڳولا ۽ ان روزگار موجب نوجوانن کي تيار ڪرڻ اسان لاءِ اهميت رکندڙ آهي، تعليم واري وفاقي وزارت ۽ هائ??ر ايجوڪيشن کي مارڪيٽ جي بنياد تي تعليم ۽ تربيت جي فراهمي ل??ءِ قدمن جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي ان سان گڏوگڏ تعليمي معيار کي به بهتر بڻائڻ ضروري آهي، هائ??ر ايجوڪيشن ڪميشن ان حوالي سان يونيورسٽين کي رهنمائي فراهم ڪري سگهي ٿي. صدر چيو ته جيڪڏهن مارڪيٽ جي رفتار ۽ مل??زم??ن جي حوالي سان منصوبابندي نه ڪئي وئي ته ان سان اسان کي نقصان ٿيندو.