اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يوني??رس??ين ۾ آن لائين تعليم جو تناسب وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو طريقيڪار گ??ٽ لاڳت هجڻ سان ??ڏوگڏ شاگردن کي اعليٰ تعليم تائين آسان پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، تعليمي ادارا پنهنجي ويزن تي نظرثاني ۽ تيزي س??ن تبديل ٿيندڙ دنيا جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فڪري برتري حاصل ڪرڻ تي ڌيان ??ين. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ رفاهه انٽرنيسنل يوني??رس??ي اسلام آباد بابت هڪ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ رفاهه انٽرنيشنل يوني??رس??ي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيس احمد، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آر آئي يو اسد الله خان، رجسٽرار برگ??ڊي??ر (ر) انجنيئر سليم احمد خان، فيڊرل ايجوڪيشن اينڊ پروفيشنل ٽريننگ واري وزارت ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. رفاهه انٽرنيسنل يوني??رس??ي جي وائيس چانسلر صدر کي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي حوالي سان پنهنجي يوني??رس??ين جي ڪاميابين ۽ ڪردار کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته يوني??رس??ين کي چوٿين صنعتي انقلاب ۽ تحقيق ۽ ترقي جي سرگرمين جي گهرجن تي ڌيان ??يڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پاڪستان ??ي ٽيڪنالاجي جي لحاظ ک??ن ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته تعليمي ڪاميابين کانسواءِ يوني??رس??ين کي اخلاقي علم ۽ شاگردن جي ڪردارسازي تي پڻ ڌيان ??يڻ گهرجي. صدر مختلف معذور شاگردن کي ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي فيس ۾ ڇوٽ ڏيڻ جي ايڇ اي سي جي پاليسي کي پڻ ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان سان انهن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي ترغيب ملندي. هن تعليم ۽ صنعت جي وچ ۾ رابطن ۽ عالمي يوني??رس??ين س??ن تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جيڪو معياري تعليم جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر تعليم جي فروغ ۾ نمايان ??ردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان يوني??رس??ي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.