اسلام آباد_21 سيپٽمبر (اي ??ي پي)چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان پا??ستان ۾ يونان جي سفير آندرياس پاپا ستاورو هتي جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن خاص طور تي افغانستان جي موجوده صورتحال ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب ان موقعي تي آرمي چيف چيو ت?? پاڪستان پنهنجي عالمي شراڪت??ار?? سان خطي ۾ امن ۽ افغان عوام جي مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي،آرمي چيف چيو ته اسان گڏيل مفاد وارن سمورن شعبن ۾ صحت مند ٻه طرفا مٽاسٽا جي حوصلا افزائي ڪيون ٿا، يونان جي سفير مربوط قومي ردعمل ذريعي ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطي لاءِ پا??ستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي،هن افغان صورتحال،ڪامياب آپريشن ۽ علائقائي استحڪام جي ڪوششن لاءِ پڻ پا??ستان جي تعريف ڪئي.