فيصل آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پا?? صه ﷺ اسان سميت قيامت تائين ايندڙ مسلمانن جي لاءِ مشعل راهه آهن، پا?? ﷺ جي پيروي ڪري اسان دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿي سگهون ٿا، ربيع الاول جي بابرڪت مهيني ۾ وزيراعظم ع??ران خان رحمت اللعالمين اٿارٽي جي قيام جو فيصلو ڪيو، ان جو مقصد نئين نسل کي سيرت النبي ﷺ سان ڳنڍي رکڻ آهي، سيرت النبي ﷺ کي باقاعده طور تي نصاب جو حصو بڻايو ويو آهي، وزيراعظم ع??ران خان ڪوشش ڪئي ته ڪو بکيو نه سمهي، پناهگاهون، لنگر خانا قائم ڪيا ويا?? اهو وقت پري ناهي جڏهن پا??ستان به مديني جي رياست وانگر رياست هوندي جتي ماڻهن جي حقن جو تحفظ يقيني هوندو.
هو 12 ربيع الاول ڪلاڪ ٽاور فيصل آباد ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. فيصل آباد جا پارليامينٽ جا ميمبر، واپاري برادري ۽ شهرين جو وڏو تعداد موجود هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب خطاب ڪندي چيو ته سمورن مسلمانن کي جشن عيد ميلاد النبي ﷺ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پا?? ﷺ کي الله تعاليٰ ٻنهي جهانن لاءِ رحمت اللعالمين بڻائي موڪليو ويو آهي، پوري دنيا ۾ ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمان آهن جيڪي پا?? ﷺ جي پيروي ڪندا آهن، هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان کي اهو وچن ڪرڻو آهي ته پا?? ﷺ جي سيرت تي هلي اسان پنهنجي زندگي ۽ آخرت سنواريون، ان کان وڏي ڪا نعمت نٿي ٿي سگهي، اسان حضرت محمد ﷺ جا اُمتي آهيون، پا?? ﷺ مديني جي رياست جو نظام قائم ڪيو جيڪو ڪمزور طبقن جي حقن ۽ انصاف جي بنياد تي فلاحي بڻجي،
هن چيو ته وزيراعظم ع??ران خان جي هدايت تي 3 کان 13 ربيع الاول عشره رحمت اللعالمين سرڪاري سطح تي ملهايو پيو وڃي، پوري ملڪ ۾ ان حوالي سان تقريبون منعقد ٿي رهيون آهن، عوام جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان کي حضور ﷺ جي زندگي مبارڪ مان سبق حاصل ڪرڻو آهي ته پا?? صه ڪهڙي طرح تعليم، يتيمن، مسڪينن جي حقن لاءِ ڪم ڪيو. هن چيو ته ربيع الاول جي بابرڪت مهيني ۾ وزيراعظم ع??ران خان رحمت اللعالمين اٿارٽي جي قيام جو فيصلو ڪيو، ان جو مقصد نئين نسل کي سيرت النبي ﷺ سان ڳنڍي رکڻ آهي، سيرت النبي ﷺ کي باقاعده طور تي نصاب جو حصو بڻايو ويو آهي، اسان پا??ستان کي به مديني جي رياست وانگر رياست بڻائڻو آهي جيڪو وزيراعظم ع??ران خان جو به خواب ??هي.
هن چيو ته وزيراعظم ع??ران خان ڪوشش ڪئي ته ڪو بکيو نه سمهي، پناهگاهون ۽ لنگر خانه قائم ڪيا ويا، جيڪڏهن اسان هن ملڪ کي ترقي جي شاراهراهه گامزن ڪرڻو آهي ته اسان کي پنهنجي بي پا?? ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪرڻو پوندو?? اهو وقت پري ناهي جڏهن پا??ستان به مديني جي رياست وانگر رياست هوندي رياست ماڻهن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائيندي.