اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سيالڪوٽ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪالهه ک??ن سوچي رهيو هئس ته سيالڪوٽ واقعي تي ڇا لکان، لفظ ته بي عمل ٿي ويا آهن، اهڙا واقعا رڳو 48 ڪلاڪن ۾ اسان کي تڪليف ڏين ٿا، پوءِ سڀ نارمل ٿي وڃي ٿو ۽ ايستائين احساس دف?? رهي ٿو جيستائين اڳيون واقعو نه ٿئي، اها بي حسي وڏي طو??ان جي اڳڪٿي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي آڏو ملڪن ۾ رت جا درياءَ وهي ويا، اسان معاشري ۾ ٽائم بم لڳائي ڇڏيا آهن، انهن بمن کي ناڪاره نه بڻايو ته اهي ڦاٽندا. اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته وقت واريءَ وانگر هٿن مان نڪري رهيو آهي تمام گهڻو ڌيان گهرجي تمام گهڻو ڌيان.