اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪورونا وب?? جي باوجود گذريل ٽن سالن جي دوران تقريبن 11 لک ماڻهن کي ٻاهرين ملڪ روزگار جا موقعا مليا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ پوري اميد آهي ته تقريبن 20 لک ماڻهو ٻاهرين ملڪ ويندا، اطلاعات واري وف??قي و??ير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻاهرين ملڪ ملازمت لاءِ بيورو آف اميگريشن ا??نڊ اوورسيز ايمپلائيمينٽ پاران رجسٽرڊ ??يل پاڪستاني و??ڪرن جي تعداد جي حوالي سان اسٽيٽمنيٽ به شيئر ڪئي جنهن موجب 2019ع کان آڪٽوبر 2021ع تائين ٽن سالن ۾ مجموعي طور تي 10 لک 26 هزار 640 ماڻهن کي ٻاهرين ملڪ روزگار مليو. 2019ع ۾ 6 لک 25 هزار 203 ماڻهن ٻاهرين ملڪ ملازمت حاصل ڪئي. 2020ع ۾ 2 لک 24 هزار 705 ۽ 2021ع ۾ هڪ لک 76 هزار 732 ماڻهن ٻاهرين ملڪ ملازمت تي ويا.