اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رشين فيڊريشن جي صدر ولادي مير پيوٽن جي دعوت تي سڀاڻي اربع ڏينهن ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روس روانو ٿيندو. وزيراعظم سان گڏ ڪابينا ميمبرن سميت اعليٰ سطح جو وفد پڻ گڏ هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??وج?? وزيراعظم عمران خان روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل احترام، اعتماد ۽ عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي هڪ جهڙن نظرين جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ ملاقات دوران توانائي جي شعبي ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو. ٻئي اڳواڻ اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي ??ور??حال سميت اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي آفيس ??وج?? وزيراعظم عمران خان جو دورو پاڪستان ۽ روس جي گهڻ رخي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مخت??ف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ ۾ مددگار ث??بت ٿيندو.