اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليمي ادارا آن لائين تعل??م جي فروغ لاءِ آءِ ٽي انفرااسٽرڪچر تي سيڙپڪاري ڪن، اعليٰ تعليمي ۽ ٽيڪنيڪي ادارن کي انساني وسيلا هنرمند بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ملڪي ت??ليمي ۽ باهنر انساني وسيلن جون ضرورتون پورو ڪرڻ لاءِ ڪميونٽي ڪاليجز جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وج?? صدر اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويج نمل اسلام آباد جي باري ۾ بريفنگ دوران چئي، هن چيو ته پاڪستان کي هنرمند افرادي قوت جي گهٽتائي درپيش آهي، دنيا آن لائين تعليم طرف وڌي چڪي آهي، تعليمي لاڳت گهٽ ڪرڻ لاءِ آن لائين تعليمي ماپو ۽ ورچوئل ڪلاسز جو تعداد وڌائڻي پوندي، صدر چيو ته يونيورسٽي انتظاميه ختم ٿيندڙ ٻولين جي ت??فظ ۽ بحالي لاءِ قدم کڻي، نمل جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) محمد جعفر ملڪ ۾ اعليٰ تعل??م جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار جي باري ۾ بريفنگ ڏني، صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ??يو ته شاگردن ۾ تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ تدريس جو تصوراتي نقطه نظر متعارف ڪرائي رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته هن وقت 22 هزار شاگرد يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ تعليم هيٺ آهن، نمل ڊائريڪٽر آءِ ٽي جي بنيادي ڍانچي جي ت??قي آءِ ٽي کي لينگويج سکڻ ۽ ترجمي ۾ مربوط ٺاهڻ سميت اعليٰ معيار جي ت??قيق جي فروغ لاءِ قدمن تي روشني وڌي.