اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي پارٽي ??هي?? اس??ن هڪ ٻئي سان ??عا??ن ڪندا آيا آهيون، ايم ڪيو ايم جي قيادت سان وزيراعظم جي تمام سٺي ملاقات رهي. وزيراعظم عمران خان جي ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ٿيندڙ ملاقات جي حوالي س??ن هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ملاقات ۾ اسان سڄي صورتحال جو جائزو پڻ ورتو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي پارٽي آهي اس??ن هڪ ٻئي سان ??عا??ن ڪندا آيا آهيون، اسان انهن سان اڳتي جي حڪمت عم??ي جوڙي ۽ ان کي حتمي شڪل ڏني جڏهن ته ايم ڪيو ايم وزيراعظم جي ذات تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ايم ڪيو ايم جي قيادت چيو ته توهان بهادر آباد اسان جي گهر آيا آهيو اسان توهان سان گڏ آهيو. ايم ڪيو ايم قيادت وزيراعظم آڏو نه ڪو مطالبو رکيو ۽ نه ئي ڪا گلا ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ايم ڪيو ايم جا ??ورائتا آهيون جو انهن اسان کي تمام گهڻي عزت ڏني ۽ پنهنجي مڪمل ??عا??ن جي خاطري ڪرائي.